جهلم ويلي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم سردار تنوير الياس خان جي خصوصي هدايتن تي سڄي آزاد ڪشمير وانگر جهلم ويلي ۾ به باباءِ حريت (شهيد) سيد علي گيلاني جي ??هرين ورسيءَ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي آفيس ۾ پڻ تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب جو خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر جهلم ويلي سيد فدا حسين ڪاظم?? هو. تقريب ۾ سپرنٽينڊنٽ پوليس جهلم ويلي مرزا زاهد حسين، اسسٽنٽن ڪمشنر بٽيان بالا سيد غلام محي الدين گيلاني، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز سردار ظهير کانسواءِ ٻين ک??تن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، سول سوسائٽي جي ??مائندن ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد فدا حسين ڪاظمي سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشمير مسئلي جي باوقار حل جو خواهشمند رهيو، هن ??ر سطح تي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف صداءِ احتجاج بلند ڪيو، ان لاءِ هو ڀارتي حڪمرانن جي اکين ۾ کٽڪندو هو، ڀارت طاقتج ي زور تي ڪشميرين کي دٻائڻ جي ??اءِ سمورا حربا استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جي حوالي سان راءِ شماري جي ??اءِ گڏيل قومن جي ??راردادن تي عملدرآمد کان مسلسل ڀڄي رهيو آهي.