اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستا?? جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ٽوئيٽ موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ المناڪ جاني نقصان تي تعزيت جو هڪ پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ خادم الحرمين الشريفين صدر، فوت ٿيندڙ?? جي گهرڀاتين ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي. هن زخمي?? جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته اسان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ توهان سا?? گڏ آهيون. سعودي عرب جي ولي عهد ۽ نائب وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان پڻ صدر کي اهڙو ئي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ هن چيو ته سعودي عرب ان افسوسناڪ صورتحال ۾ پاڪستان سا?? گڏ بيٺل آهي. سعودي ولي عهد صدر ۽ فوت ٿيندڙ?? جي گهرڀاتين سان پنهنجي گهري ڏک ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن فوت ٿيندڙ?? جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ زخمي?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.