فيصل آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي لاءِ عالم سڳورن تاريخي ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو تنهن ڪري اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان کي ملڪي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ جو وچن ڪرڻ ۽ موجوده حالتن ۾ سمورين ??ياسي ?? مذهبي پارٽين کي هڪ قومي ايجنڊا تي گڏ ٿيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان سني تحريڪ جي ڊويزنل صدر پروفيسر پير محمد آصف رضا قادري ??يصل آباد ۾ سدا سلامت پاڪستان قيامت تائين پاڪستان ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آزادي جو حقيقي مقصد اسلام جي اصول ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ آهي ۽ جيئن ته ملڪ پاڪستان نظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ان لاءِ ان جي آزادي، خودمختياري ۽ ٻه قومي نظريي جي تحفظ جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻايو ويندو. هن چيو ته پوري ??وم پاڪستانين ??ي بانين ??ي ملڪ جي آزادي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين ?? جدوجهد کي سلام پيش ڪري ??ي.