اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي ??قي??ي بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي ??وري ريليف فراهم ڪرڻ آهي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي ??هرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد ??قي??ي بڻايو وڃي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي ??وري ريليف ڏيڻ آهي. هن چيو ته عوامي ريليف جي لاءِ صو??ا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.