اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پر??يه?? ??زي??ن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي سلسلي ۾ اسلامي ميمبر ملڪن جا وفد اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، مصر جو پر??يه?? ??زي?? 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي جڏهن ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ به سومر جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب ۽ پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ??زي??اعظم جي بين مذاهب ۽ هم آهنگي ۽ وچ اوڀر بابت خاص نمائندي حافظ محم??د طاهر اش??في سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ چيو ته پاڪستان جو عالم اسلام ۾ اعليٰ مقام آهي، پاڪستان ۾ ڪجهه مهينن ۾ ٻه ڀيرا عالم اسلام جي پر??يه?? ??زي??ن جو اچڻ پاڪستان جي مقام کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پر??يه?? ??زي??ن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس عالم اسلام جي مسئلن، مسلمان امت جي صورتحال ۽ عالمي دنيا جي حالتن تي اهم فيصلا ڪندو. مصر جو پر??يه?? ??زي?? سامع شڪري چيو ته پاڪستان ۽ مصر ٻه ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان مصر جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ انتهاپسندي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ مسلمان امت جي وحدت ۽ اتحاد لاءِ پاڪستان، مصر گڏجي ڪم ڪندا. پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ??زي??اعظم جي خاص نماندي حافظ طاهر محمود اش??في چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي معزز مهمانن کي خوش آمديد چئي ٿي. هن چيو ته اسلام آباد کان مظلوم ڪشميرين، فلسطينن جي ڳالهه ٿيندي ۽ امت جي مسئلن لاءِ عملي لائحه عمل ملندو، هڪ سوال جي جواب ۾ حافظ طاهر محمود اش??في چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جا مهمان مخالف ڌر جا ميمبر هوندا، انهن پاران مثبت رويو سامهون آيو آهي، مخالف ڌر اسلامي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي اهو درست رخ ۾ قدم آهي.