اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ??وروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو مستقبل چورن جي حوالي نٿا ڪري سگهون، سنڌ هائوس ۾ ما??هن جا ضمير خريدڻ لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، جتي تمام گهڻو پئسو منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن، 10 لک ما??هن جي ڪال جي ڊپ کان مخالف ڌر خوف ۾ ورتل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ گرين يوٿ موومينٽ جي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي و??ير چيو ته ??الهه ننڍو ڊان چئي رهيو هو ته ملڪ م قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف شامل نه هجي، عقل جا انڌا اڄ چئي رهيا آهن ته ??وروئن جي حڪومت ٺاهيو جيڪا چورن کي بچائي، اسان ان کان اڳ ان طرح جو قومي بيانيو نه ٻڌو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان 33 سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نوجوان آهن جيڪي پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ اسان پنهنجي مستقبل کي چورن ۽ ڦوروئن جي حوالي هرگز نه ڪرڻ ڏينداسين. اسان کي پتو پيو آ??ي ته سنڌ هائوس جي اندر منڊيون لڳل آهن، جتي جهڙي قسم جون ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا عوام ان جي اجازت ڏيندي؟ وفاقي و??ير چيو ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي 10 لک ما??هو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اهو نه چيو هو ته اهي ما??هو مخالف ڌر کي ماريندا، مخالف ڌر صرف 10 لک ما??هو گڏ ٿيڻ جي ڊپ کان بيهوش ٿي و??ي آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي پارٽين جو حق آ??ي ته هو جلسا ۽ جلوس ڪن، پنهنجي ما??هن کي گڏ ڪن، اهو اسان جو حق آهي، هن چيو ته اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ميڙاڪو اسلام آباد ۾ ڪري ڏيکارينداسين، اسان لوئر مڊل ڪلاس جي پارٽي آهيون، اسان تشدد ڪندڙ ما??هو نه آهيون، هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوانن جي مستقبل جي اميد آهي، اسان ان اميد سان جيئنداسين ۽ مرنداسين.