اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏي?? هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستان??ن سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ?? پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد سفي?? کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامزد سفي?? کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ?? پاڪستان جي سفير طور پڻ ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ?? پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.