اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سميت هڪ وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪ??و آهي ۽ اڳتي به عوام کي ريليف ڏيندو رهندو، قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري، عمران خان معيشت کي ڏيوالپڻي کان ٽيڪ آف تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي وزيراعظم جا محل نه آهن، مني لانڊرنگ نه ڪئي ۽ نه ئي ڦرلٽ ڪئي، مخالف ڌر ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪيڏانهن وڃڻ واري نه آهي، اها 5 سال مڪمل ڪندي ۽ اڳتي حڪومت به پي ٽي آءِ جي هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪ??و آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10، 10 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 رپيا گهٽ ڪئي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا، يورپ، برطانيا سميت پوري دن??ا ۾ مهانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽُي و??و. ??مل??تي وزير چيو ته پيٽرول في بيرل 40 ڊالر مان 111 ڊالر، کاڄرو تيل 400 ڊالر مان 1300 ڊالر في ٽن، ڪوئلو 40 ڊالر مان 200 ڊالر تي پهچي و??و آهي، پوري دن??ا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو اثر حڪومتن ۽ عوام تي پيو، آمريڪا ۾ مهانگائي جو 42 سالا رڪارڊ ٽٽي و??و آهي، اسان جو خيال هو ته ڪوويڊ 19 کانپوءِ حالتون بهتر ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي ته عوام کي ريليف ڏينداسين. دن??ا ۾ لاجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿي آهي، ان جا به اثر آهن، ان صورتحال ۾ عمران خان عوام تي بار وجهڻ بدران ريليف ڏنو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان اڳ ۾ به ٽيڪسز گهٽ ڪرڻ سان حڪومت 70 ارب جو بار پاڻ برداشت ڪري ??هي هئي، ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون، 8 مهينن ۾ 30 سيڪڙو ٽيڪس وڌيڪ گڏ ڪ??و آهي، اڳ ۾ مخالف ڌر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي تنقيد ڪري ??هي هئي ۽ هاڻي قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري.