اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بورڊ جي نئين س?? جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائ??ن خدمتون سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثم??ن حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثم??ن حس?? بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئين س?? جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ايڪٽ جي سيڪشن 5 ??حت ڏني. بورڊ جي نئين س?? جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيف پيٽرن آهي.