اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته نواز شريف جي جعلي م??ڊيڪل رپورٽ پاڪستان جي قانوني نظام جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي، شريف فيملي جعلي م??ڊيڪل رپورٽس موڪلڻ جو سلسلو بند ڪري، نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي مانهن کي پئسا واپس ڪري. اها ڳالهه هن نواز شريف جي م??ڊيڪل رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و ته نواز شريف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ميڊيڪل رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ان رپورٽ ۾ ??اش??گٽن ۾ رهندڙ ڊاڪٽر شال لنڊن ۾ رهندڙ نواز شريف جي باري ۾ لکيو آهي ته هو دٻاءُ جو شڪار آهي ۽ ڪووڊ 19 جي ڪري نواز شريف جي حالت اهڙي نه آهي ته هو پاڪستان جو سفر ڪري سگهي. چوڌري فواد حسين چ??و ته نواز شريف پاران آمريڪا ۾ ويهي پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر ک??ن ميڊيڪل رپورٽون تيار ڪرائي پاڪست??ن موڪلڻ پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ قانونن جو مذاق اڏائڻ جي برابر آهي. هن چ??و ته نواز شريف وٽ آسان رستو اهو ئي آهي ته هو پاڪستان جي عوام جو پئسو واپس ڪري، ان کانپوءِ هو لنڊن ۾ رهي، جعلي رپورٽون موڪلڻ سان ان جو مقصد پورو نه ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته رپورٽ ۾ صرف اها ئي کوٽ آهي ته نواز شريف کي هائيڊپارڪ کانسواءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه آهي، ان سان ان جي اسٽريس ۾ اضافو ٿيندو، هن چ??و ته شريف فيملي جعلي رپورٽس تيار ڪرائي پاڪست??ن موڪلڻ کان پاسو ڪري، شريف فيملي قانوني رستو اختيار ڪري ۽ پاڪستان جي ماڻهن جو پئسو واپس ڪري. هن چ??و ته اميد ڪريون ٿا ته عدليه اهڙين جعلي رپورٽس جو سختي سان نوٽيس وٺندي ۽ وقار بحال ڪندي.