اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جماعت اسلامي جي اڳوڻي امير قاضي حسين احمد کي خر??ج عقيدت پيش ڪ??دي چيو آهي ته قاضي حسين احمد سياست ۾ استاد آهي ۽ سندس زندگي اسان جي لاءِ ??شعل راهه آهي. قاضي حسين احمد جي ورسي جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪ??دي هن چيو ته قاضي حسين جي سياسي ۽ سماجي جدوجهد واکاڻ جوڳي آهي. سياست ۾ قاضي حسين احمد منهنجي استاد جي حيثيت رکي ٿو، قاضي حسين احمد ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جيڪي خدمتون پيش ڪيون آهن ان سان ايندڙ نسلن کي آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي، قاضي حسين احمد جي زندگي جي مشن کي عملي جامو ??ارائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جماعت اسلامي هڪ منظم سياسي پارٽي جي طور تي ملڪي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.