اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي ر??ور??نگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ ??وا?? جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته عدالتي ر??ور??نگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا ر??ور??س تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چيو ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي ر??ور??نگ سان نه رڳو ??وا?? درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي وزير چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خب??ن تي عدليه نوٽيس وٺندي آهي انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئ?? شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير چيو ته صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي ايشن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.