ملتان – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته عوام جو تحفظ ۽ غربت جو خاتمو موجوده حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ اربين روپين جي ماليت جو احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگرام مستحق ماڻهن کي مالي امداد فراهم ??رڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن علي ڳڙهه اسڪول ملتان ۾ قائ?? احساس ايمرجنسي ڪ??ش پوائنٽ جي دوري جي موقعي تي ڪ??و، ثانيه نشتر ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪ??ش پروگرام جو پهريون مرحلو 15 سيپٽمبر تي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي ان پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ جي باجود بائيوميٽرڪ تصديق نه ٿيڻ سبب امداد جي رقم وصول نه ڪري سگهيا انهن کي لاڳاپيل بئنڪ برانچن کان 30 سيپٽمبر تائين رابطو ??رڻ گهرجي ته جئين اهي پنهنجي رقم حاصل ڪري سگهن، هن ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ته ان جي وارثن کي ان جي فوتگي جو سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل يونين ڪائونسل مان حاصل ڪري نادرا وٽ رجسٽر ڪرائڻ گهرجي ۽ پوءِ اها رجسٽريشن احساس پروگرام جي آفيس کي 30 سيپٽمبر تائين موڪلي وڃي.