اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته انسانيت جي خدمت اسان جومذهبي ۽ قومي فرض آهي ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته انسانيت جي خدمت ڪندڙ جو نالو سدائين زندهه رهي ٿو. هن چيو ته ٻين جي ڏک درد کي پنهنجو ڏک درد سمجهڻ ئي ز??دگي جو اصل مقصد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽائيگر فورس قائم ڪرڻ جي مناسبت سان مل??ي سطح تي ملهائجندڙ خاص ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو 9 آگسٽ تي سڄي مل?? ۾ ملهايو ويندو. اسپيڪر اسد قيصر ڪورونا و??ا دوران ٽائيگر فورس جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪورونا وائرس و??ا دوران ٽائيگر فورس رضاڪار مل?? ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن جيڪي ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته ٽائيگر فورس جي مدد سان مل?? کي هنگامي صورتحال ۾ پيش ايندڙ بحر??نن مان ڪڍي سگهجي ٿو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي اندر انسانيت جي مدد ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪري وٺون ته اسان هن مل?? کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.