اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود ز??ان خان صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??فر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اين سي او سي م??ن جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائريڪٽر ??نرل آپريشن اينڊ پلاننگ، اين سي او سي ميجر جنرل آصف محمود گورائيه ڪورونا و??ئر?? جي صورتحال جي مختلف پاسن، اين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا و??ئر?? جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا و??ئر?? جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.