اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي ??دب??رن تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حم??يت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ وزيرن عيدال??ضح??ٰ جي مناسبت سان عيد جي شا??نگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوالي سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ته اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدال??ضح??ٰ جي مناسبت سان شا??نگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.