اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حڪومتي فيصلي جا ثمر سڄي ملڪ جي عوام کي پهچائڻ جي لاءِ سمورا صوبائي چيف سيڪريٽري گڏيل حڪمت عملي جوڙين، ملاوٽ کان پاڪ ۽ خالص شيون ملڻ ??ڊ گورننس جي لاءِ ضروري آهي، ان ڳالهه تي خاص ڌيا?? ڏنو وڃي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي وڏي مقدار ۾ فراهمي سان گڏوگڏ اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ته جيئن عوام کي مناسب قيمت تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هو ملڪ ۾ ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ قدمن جي حوالي سان جائزه ??جلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.