اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وا??رس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ما??هن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان ??چا??ڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مشڪلاتن مان فائ??و کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.