راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پرو??را?? وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون ويون آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، وزير??عظ?? عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پرو??را?? ۾ عورتن کي شامل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موق??ا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، نالن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ڪئي پر ??زيارعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح ويمن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پرو??را?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.