اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته اڄ جو ڏينهن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏ??اڙي طور ملهائڻ اسان پاران پنهنجي انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل حمايت جو ورجاءُ آهي جن کي 6 مهينن کان غيرانساني حراست ۽ مواصلاتي ناڪابندي جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ??هڙيون ڊگهيون پابنديون جن جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، ??نهن نام نهاد ڀارتي جمهوريت جي فساني ۽ ان پاران بنيادي انساني ق??رن جي بي لحاظي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ??هي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ قابض فوج هٿان 80 لک ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي قيد ڪري رکيو ??هي، ??هڙي بنيادي حقن جي پائمالي جا تاريخ ۾ گهٽ ئي مثال ملن ٿا، عالمي برادري ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن ۽ انهن جي آزادي جو تحفظ يقيني بڻائي ۽ ڀارت جي جارحاڻي ۽ جنجگو قدمن سان امن کي لاحق خطرن جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏ??اڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.