اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز ??ريف پنهنجي وڇايل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي ويو آهي، برطانيا جي عدالتن کي به خبر پوندي ته سندس اصليت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز ??ريف کي مخاطب ڪندي چيو ته قوم جو سوال آهي ته توهان سچا هجو ??ا ته عدالت سان رجوع ڪرڻ ۾ 6 مهينا ڇو لڳايا؟ شهباز ??احب! ميڊيا تي اثرانداز ٿيڻ توهان جو شيوو آهي.