لاهور – 02 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته امن رڳو پاڪستان نه پر پوري دنيا جي ضرورت آهي، دنيا هن وقت جنگ نه پر امن چاهي ٿي، پاڪ ڀارت سميت ٽئين دنيا جا ملڪ هڪ جهڙن مسئلن ۾ ورتل آهن جن کي گڏجي پرامن طريقي سان حل ڪ??ڻو پوندو، پرام?? ماحول هوندو ته خطي ۾ امن ۽ خوشحالي ا??ند??، اڄ اسان جو پروگرام امن طرف هڪ ??ڏو قدم آهي جنهن ۾ سڄي دنيا جي ملڪ?? مان آيل شاگردن کي متحرڪ ڪرڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن مسئلن جو پرامن طريقي سان حل ڪڍي سگهجي. هو الحمرا هال ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽ ويڪ ان پاڪستان جي اهتمام هيٺ يو?? موبلائيزيشن ان پيس بلڊنگ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.