اسلام آباد- 11 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت پرامن ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته ??ونڊون شفاف ٿيون آهن، چونڊن واري ڏينهن شهرين، پولنگ عملي ۽ پولنگ اسٽيشنن کي درپيش خط??ي سبب موبائيل سروس بند ڪئي وئي جنهن جي وضاحت گهرو وزارت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جي زندگين کي محفوظ بڻائڻ وڌيڪ اهم هو. اها ڳالهه هن نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چئي. نگران وفاقي وزير چيو ته ??ونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس جي معطلي بابت گهرو وزارت وضاحت ڪري چڪي آهي، اسان لاءِ شهرين جون زندگيون اهم هيون، شهرين ،پولنگ اسٽاف ۽ پولنگ اسٽيشنن کي خطرا هئا، شهرين جي چرپر کي محفوظ بڻائڻ اسان لاءِ ضروري هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ??ونڊن جي عمل ۽ چونڊن جي تاريخ تي هميشه تڪرار رهيا آهن. 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن تي به تڪرار هئا. هن چيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ ۾ هر ممڪن سه??لت فراهم ڪئي. اسان پرامن شفاف چونڊون ڪرائڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي، چونڊن جا نتيجا ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته ??ونڊون شفاف ٿيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين ۽ قانون تحت اقتدار جي م??تقلي جو طريقو موجود آهي، چونڊن جا سرڪاري نتيجا لاڳاپيل اسيمبلين تائين پهچندا ته موجوده اسپيڪرز اسيمبلين جو اجلاس گهرائيندا، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جڏهن حلف کڻندا ته نگران حڪومتون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون.