اس??ام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏن?? آهي ته اهي ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ لاءِ آن لائين تعليم ۾ اضافو ڪن ۽ تحقيق ۽ جدت تي ڌيان ڏين، تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ شاگردن کي تيار ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ويزن جي جوڙجڪ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صد?? ۾ نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز، اس??ام آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صد??رت ڪندي ڪيو. نمل جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) محمد جعفر ملڪ ۾ تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽين جي ڪر??ار بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ت?? يونيورسٽي جي مختلف پروگرامن ۾ 22 هزار شاگرد داخل ٿيا ۽ 77 هزار کان وڌيڪ شاگردن گريجوئيشن ڪئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ت?? يونيورسٽي مالي سال 21 – 2020ع دوران معذور ماڻهن سميت شاگردن کي 340 ملين روپين جون اسڪالرشپس فراهم ڪيون آهن، صد?? ملڪ جي تعليمي ترقي ۾ يونيورسٽي جي ڪر??ار کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? 21 هين صدي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ تعليمي ادارن کي فڪري طور تي اعليٰ گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يونيورسٽي مئنيجمينٽ کي چيو ت?? اها آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ قائم ڪري ته جيئن نوجوانن کي روزگار جي مهارت فراهم ڪري سگهجي ته جيئن اهي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وجهي سگهن. صد?? مختلف زبانن ۾ تحقيق ۽ ڇپائي جي شعبن ۾ نمل يونيورسٽي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.