نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سندس پاران عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهب??ز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پ??ڪس??ان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عالمي اڳواڻن پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پ??ڪس??ان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عالمي برادري کي ڀرپور طريقي سان آ??اه?? ڪيو آهي.