ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستا?? جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنه??جي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهو?? جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو جهنڊو لاٿو ويو، اسان ا?? جي مذمت ڪري??ن ٿا، عمران نيازي اقتدا?? جي لاءِ ملڪ جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات??ن ٿيون، شه?? جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبض?? جي ڪري نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان شه?? جي رست?? جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو انتظام ڪري رهيا آهيون.