اس??ام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آسٽريليا جي ه??ءِ ڪمشنر نيل هاڪنز پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سالگرهه مبارڪ، رڳو 75 سالا تاريخ ۾ تمام وڏي فخر جي قابل، تمام وڌي خوشي جي قابل، توهان جو عظيم ثقافتي ورثو، بي مثال ۽ خوش ذائقه خوراڪ ۽ قدرتي منظرن سان ڀرپور خطو فخر جوڳو آهي. آسٽريلوي ه??ءِ ڪميشن پاران جاري پن??نجي خصوصي پيغام ۾ ه??ءِ ڪمشنر چيو ته منهنجي ل??ءِ هتان جو سڀ کان قيمتي اثاثو پيار ۽ محبت ڪندڙ عوام آهي جيڪا سدائين مسڪرائيندي الس??ام عليڪم چوي ٿي. هن چيو ته آسٽريليا انهن پهرين ملڪن ۾ شامل هو جن 1947ع ۾ پاڪستان کي تسليم ڪيو، اسان جي عوامي رابطن جي تاريخ 18 هين صدي تائين پکڙيل آهي جڏهن بلوچستان مان اٺن جا واپاري اسان جي ملڪ ۾ صحرائن تان سامان جي پهچ ل??ءِ انتهائي اهم هئا. هن چيو ته هن وقت اٽ??ل هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني آسٽريليا کي پن??نجو ملڪ چون ٿا ۽ اهي اسان جي بين الثقافتي معاشرن ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان هزارين پاڪستاني شاگردن جي ميزباني ڪري رهيا آهيون جيڪي اسان جي عظيم شهرن ۽ عالمي معيار جي يونيورسٽين مان فائدو کڻي رهيا آهن. آسٽريلوي ه??ءِ ڪمشنر چيو ته آئون توهان سڀني کي همت، اميد ۽ اعتماد جو پيغام ڏيان ٿو، اچو گڏجي هڪ منظم طريقي سان پن??نجي وسيلن مان فائدو کڻي مسئلن کي دفن ڪري سگهون ته جيئن اسان جو شمار دنيا جي عظيم قومن ۾ ڪيو وڃي.