اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي سان فيڊرل بورڊ ??ف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين عاصم احمد پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪري??رٽ موجب ايف بي آر چيئرمين سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي کي تفتان جي ويجهو پاڪستان ايران بارڊر تي بازاچي جي قيام جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته مقامي واپاري برادري کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بازارچي جي قيام جو منصوبو شروع ڪيو آهي، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي جلد ئي ان بازارچي جو افتتاح ڪندو، سينيٽ چيئرمين ايف بي آر جي پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي، هن چيو ته واپاري سرگرمين جي فروغ لاءِ ۽ مقامي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي خاطر اهڙن منصوبن جو آغا?? ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جو معيشت تي مثبت اثر پوندو. سينيٽ چيئرمين ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل م به ايف بي آر پاران اهڙيون ڪوششون جاري رهنديون.