اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ليجنڊري فنڪار معين اختر جي 11 هين ورسيءَ تي مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته معين اختر مرحوم هڪ باڪمال فنڪار ۽ ٻين جي ڏک سک ۾ ڪم ايندڙ انتهائي نفيس انسان هو، سنجيده يا مزاحيه هر ڪردار ائين نڀايو جو ان جي مداحن جي ذهن ۽ دل ۾ اڄ به زندهه آهي. هن چيو ته ميزباني سان صداڪاري ۽ گلوڪاري، تصنيف کا?? پروڊڪشن ۽ هدايتڪاري تائين فن جي هر شعبي ۾ هن پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو، ڪردار ۾ معين اختر کي گم ڪري ڇڏيندڙ معين اختر اسان جي يادن مان به ڪڏهن به گم نه ٿيندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ?? سندس گهرڀاتين ۽ مداحن کي صبر جميل ڏي.