اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پاليسي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وز??ر واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيهي پاليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪست??ني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو و??ي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ ا??لام آباد ۾ ا??لامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي ??يڪ??يٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.