اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ کي مرحوم قرضدار جي خاندان کي 4 لک 23 هزار رپين جي واپسي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صدر وفاقي بئنڪنگ محتسب جو فيصلو برقرار رکيو ۽ بئنڪ آف پنجاب ج?? اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ مرحوم قرضدار جي خاندان کان هڪطرفي ۽ غيرمنصفاڻي طور وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪيو، بئنڪ پنهنجي ئي ضابطن جي خلاف غيرضروري طور تي روزاني جي معاملي کي الجها??و. ??هري ميان الل?? وسايو بئنڪ آف پنجاب کان 2015ع ۾ 30 لک رپيا قرض ورتو، شهري 35 لک رپين جا ريگيولر انڪم سرٽيفڪيٽ بطور سيڪيورٽي بئنڪ کي جمع ڪرايا. جنوري 2017ع ۾ شهري جو لاڏاڻو ٿي ويو پر بئنڪ آڪٽوبر 2018ع تائين مارڪ اپ وصول ڪري ورتو، بئنڪ سرٽيفڪيٽ ڪيش ڪرايا، 57294 رپين بدران 480489 رپيا مارڪ اپ وصول ڪ??و. ??لل?? وسايو جي بيواهه بئنڪ کي جنوري 2017ع تائين مارڪ اپ وٺڻ، وڌيڪ رقم معاف ڪر?? جي درخواست ڪئي. بئنڪ درخواست منظور ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته شڪايت ڪندڙ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪ??و. ??ئنڪنگ محتسب فيصلو ڏنو ته بئنڪ اصل رقم تي وڌيڪ مارڪ اپ وصول ڪرڻ، معاملو لٽڪائي بدانتظامي ۽ ناانصافي ڪئي. بئنڪ رقم وصولي بابت ضروري رهنمائي فراهم ڪر?? جي قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، بئنڪ غيرضروري طور تي وقت سر سرٽيفڪيٽ ڪيش نه ڪيا، مارڪ اپ جمع ڪندي رهي. بئنڪنگ محتسب 2018ع جو معاملو بيهر نه کولڻ جو بئنڪ جو عذر رد ڪري ڇڏيو هو. ڪو قانون يا ضابطو بئنڪ کي پراڻا معاملا ٻيهر کولڻ کان نه ٿو روڪي، صدر بنڪنگ محتسب جو رقم واپسي جو حڪم برقرار رک??و. ??در چيو ته بئنڪ ج?? اپيل ميرٽ تي ٻڌل نه آهي، بئنڪ قانوني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.