اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان منظم مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عالمي بئنڪ پاڪستان جي 5.37 سيڪڙو ترقي جي تصديق ڪري رهيو آهي، ڪورونا وائرس جي ??با کي منهن ڏيڻ حڪومتي پاليسين جي عالمي سطح تي واکاڻ ٿي رهي آهي ته اهڙي وقت ۾ ٽرانسپرينسي انٽرنيشنل جي بي تُڪي رپورٽ اچ?? ٿي جنهن جو سر آهي ??ه پير ۽ هڪ پريس رليز تي هيڊ لائينون لڳي وينديون آهن. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل جي رپورٽ چئ?? ٿي ته پاڪستان ۾ رول آف لا ۾ تنزل?? ٿي پر ڪنهن کي خبر ناهي ته هو ا??ئن ڇو چئي رهيا آهن؟ رپورٽ ۾ مالياتي ڪرپشن جو تذڪرو به ناهي پر پريس رليز ۾ اهڙا قصا جوڙيا ويا ته ڪرپٽ اپوزيشن جي به جرئت ٿي ته حڪومت تي تنقيد ڪري، هن چيو ته ن ليگ ۽ فضل الرحمان عمران خان جي حڪومت کي ڪرپٽ چون، ان کي آسمان تي ٿڪڻ چوندا آهن.