اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڳوڻي دور جي ??دترين پاليسين ملڪي معيشت تباهه ڪئي، اڄ قوم انهن پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي، عالمي منڊي ۾ بحران جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو جنهن جو اثر هتي به پيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون وڌيڪ آهن، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري ۽ پنجاب ۾ شريف خاندان هلائين ٿا، سنڌ کي پهرين نومبر کان ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻي هئي پر ان ۾ دير ڪئي پئي وڃي، حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي جنهن جي ??لاف شگر ملز منع نامو حاصل ڪري ورتو، حڪومت وٽ 22 ڏينهن جي لاءِ کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، پنجاب ۾ 15 ڏينهن ۾ ڪريشنگ شروع ٿي و??ندي ته صورتحال بهتر ٿي و??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري و??اقي وزير فخر امام سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عوام (ن) ليگ جي ڳالهين ۾ اچڻ واري نه آهي، اڄ جيڪي اسان کي حل ٻڌائي رهيا آهن اهي مسئلا به انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهن. انهن ماڻهن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو، انهن پاڪستان کي ڊي انڊسٽرلائيز ڪيو، 2010ع کان 2018ع تائين بدترين سال گذريو جنهن دوران پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپين مان 23 هزار ارب رپين تائين پهتو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته هن سال اسان کي 10 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، ايندڙ سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي، انهن ماڻهن ايترا وڏا قرض ورتا ۽ واپسي جو سوچي?? ئي نه. اهڙي طرح جي ??يرذميواراڻي معاشي پاليسين جي ڪري اڄ پوري قوم مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ٽن سالن ۾ انهن ماڻهن جي ??راب پاليسين جا اثر ختم ڪرڻ ممڪن نه آهي، اسحاق ڊار جي ??دترين پاليسين تي سڀ کان وڌيڪ تنقيد شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل ئي ڪندا هئا ۽ هاڻي اهي انهن پاليسين تي وضاحتون پيش ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار جهڙي طريقي سان ملڪي معيشت تباهه ڪئي، هو ان جو ذميوار آهي، هن ڊالر کي سئو رپين تائين محدود رکيو. کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته هن وقت کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي جون خبرون ڪراچي مان اچي رهيون آهن، ڪراچي ۾ ٻين شين جون قيمتون به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن، هن وقت ڪڻڪ جي ??ٽي جي ٿيلهي جي قيمت ڪراچي ۾ پنجاب جي ڀيٽ ۾ 380 رپيا وڌيڪ آهي. چوڌري فواد هسين چيو ته سنڌ حڪومت کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي، اڳ ۾ انهن ڪڻڪ جي ??يليز ۾ دير ڪئي ۽ هاڻي کنڊ جي ڪريشنگ ۾ دير ڪئي پئي وڃي. سنڌ حڪومت جي ڪري ئي سنڌ جا ماڻهو مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي وڊيوز اچي رهيون آهن، سنڌ ۾ ڏينهن ڏٺي ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، ڪٿي شڪار جي وڊيوز ٺاهڻ تي قتل ٿي رهيا آهن ۽ ڪنهن جڳهه تي عورتون قتل ٿي رهيون آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ پوليس نالي جي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن چيو ته ميڊيا کي به ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اها اهڙي واقعن جي ??زاداڻي جاچ ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته کنڊ جي ڏهاڙي کپت 15 هزار ٽن آهي، ان مان 6 هزار ٽن ڊوميسٽڪ صارفين استعمال ڪن ٿا، 9 هزار ٽن صنعتي صارفين ڏانهن وڃي ٿي. حڪومت وٽ هڪ لک 30 هزار ٽن کنڊ موجود آهي تنهن ڪري ڪنهن قسم جو ڪو پريشر نه آهي، 22 ڏينهن جي لاءِ اها کنڊ ڪافي آهي، 15 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ ڪريشنگ شروع ٿي و??ندي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو سٽي جي نتيجي ۾ ٿيو، سنڌ ۾ اڪثر شگر ملز آصف علي زرداري هلائي رهيو آهي جڏهن ته پنجاب م شريف فيملي، 15 ڏينهن اڳ جيڪا ڪريشنگ شروع ٿي، انهن پنهنجي ??گر ملز جو اسٽاڪ روڪي ورتو جنهن جي ڪري کنڊ جون قيمتون وڌي و??ون. هن چيو ته حڪومت کنڊ جي قيمت 90 رپيا مقرر ڪئي، ان ۾ شگر ملز جو 16 رپيا منافعو به شامل آهي، جڏهن اسان ان کي ريليز ڪرائڻ وياسين ته انهن عدالت کان منع نامو حاصل ڪري ورتو. هن چيو ته ملڪ ۾ کنڊ جو بحران پرائيويٽ شگر ملز جي ڪري آهي، اسان جي ??دليه کي اپيل آهي ته منعو نامو ختم ٿيڻ گهرجي ??ه جيئن حڪومت ماڻهن کي کنڊ 90 رپيا في ڪلو فراهم ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي پهرين نومبر کان ڪريشنگ شروع ڪرڻي هئي پر سنڌ نه ڪئي، پنجاب ۾ اهو سلسلو شروع ٿي و??ندو ته صورتحال بهتر ٿي و??ندي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي ??والي سان بحران واري صورتحال آهي، حڪومت (ن) ليگ جي ??ور جي ٽيڪسن کي برقرار رکي ها ته اڄ پيٽرول جي قيمت 180 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ هجي ??ا، حڪومت ان مد ۾ ساڍا 4 سئو ارب رپيا ڪمائي چڪي هجي ها. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ٽيڪسن کي هن وقت سڀ کان گهٽ ترين سطح تي رکيو آهي، حڪومت پيٽرليم مصنوعات جي مد ۾ 50 ارب رپيا ڪمائي رهي آهي جيڪي 450 ارب کان 500 ارب رپيا هجڻ گهرجن ها. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته گڏيل قومن به چيو آهي ته عالمي منڊي ۾ خوراڪ جون قيمتون 10 سالن جي ??لند ترين سطح تي آهن. اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ توانائي جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ غربت جي ??رح به وڌيڪ آهي، اتي تيل جون قيمتون پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 رپين کان 60 رپيا وڌيڪ آهن جڏهن ته اتي مخالف ڌر به تنقيد ڪري رهي آهي ته پاڪستان تيل تي ٽيڪسن جي ??ڊرح گهٽ ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، هو ريليف ڇو نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان احساس پروگرام جو اعلان ڪيو، 31 هزار رپيا ماهوار ڪمائيندڙ هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي اٽي، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني و??ندي. هن چيو ته مهانگائي ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان 31 هزار رپين کان گهٽ ڪمائيندڙن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني آهي. هنچ يو ته مڊل ڪلاس طبقي جي لاءِ صحت ڪارڊ آندو ويو، 10 لک رپين تائين انهن جو علاج مفت ٿي سگهندو، ان ۾ اسلام آباد، خيبرپختونخواهه جا سمورا شهري شامل آهن، پهرين جنوري تائين پنجاب جا شهري به ان پروگرام ۾ شامل ٿي و??ندا. هن چيو ته اسان سنڌ کي به ان پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ چيو آهي، بلوچستان ان پروگرام ۾ پنهنجي ??لچسپي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته تيل ۽ ايل اين جي ??و بحران عالمي بحران آهي، تيل ۽ ايل اين جي ??ي هتي پيداوار نه ٿي ٿئي، اسان اهي شيون درآمد ڪريون ٿا. هن چيو ته برطانيا، آمريڪا، ڀارت، بنگلاديش ۾ به اهو الزام لڳي رهيو آهي ته اهي انهن شين جون قيمتون مئنيج نه ڪري سگهيا. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته کنڊ جي قيمت جو جيستائين تعلق آهي بلوچستان ۽ سنڌ جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 145 کان 150 رپين تائين ملي رهي آهي، سنڌ ۾ پيڙهائي ۾ دير جي ڪري مجموعي طور تي اها صورتحال پيدا ٿي.