اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي م??سمياتي تبديلي پاليسي 2021ع ۽ قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع جي اصولي م??ظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مارگلا جبلن تي هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان 10 ارب سونامي ٽري پروگرام جي ڪري ”گرين چيمپئن“ جي حيثيت سان پنهنج?? ساک قائم ڪي آهي، دنيا کي اسرندڙ ملڪن کي م??سمياتي تبديلي جي اثرن کي م??هن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت 10ا رب سونامي ٽري جي شروعات ڪئي ۽ هاڻي پوري دنيا اسان جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، هن چيو ته عالمي برادري م??سمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حقيقت پسنداڻي ۽ ٺوس قدمن ک?? ساراهي رهي آهي. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته قدرتي ماحول جي تحفظ لاءِ مقرر هدفن جو جائزو ورتو وڃي ۽ گهربل وڌيڪ فوري قدمن جي حامل هدفن ٺاهيا وڃن. هن ان ڳالهه تي زور ??نو ته پاڪستان جي قومي پارڪن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي ۽ اسان کي تربيت يافته افرادي قوت کي شامل ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ”قومي م??سمياتي تبديلي پاليسي 2021ع“ ۽ ”قومي وائلڊ لائيف پاليسي 2021ع“ جي اصولي م??ظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته مارگلا جبلن ۾ هڪ خصوصي زون کي چيتي جي تحفظ جو علائقو قرار ڏنو وڃي، هن اسلام آباد جي مرغزار چڙيا گهر ۾ وائلڊ لائيف انفارميشن سينٽر جي قيام جي به منطوري ڏني، وزيراعظم مختلف وزارتن جي وچ ۾ ڪوششن کي جامع بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي خاتمي جي حل لاءِ هڪ ٿنڪ ٽينڪ جي قيام جي به هدايت ڪئي، هن ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ملڪ امين اسلم جي ڪوششن ک?? ساراهيو ۽ ان شعبي پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. وزيراعظم جي م??سمياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم اجلاس کي اين ڊي سي، موسمياتي تبديلي جي پاليسي، قومي وائلڊ لائيف پاليسي ۽ گرين ڪلائميٽ ڊپلوميسي جي باري ۾ تفصيل کان آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، سيد فخر امام، محمد حماد اظهر، چوڌري م??نس الاهي، قومي سلامتي جي ??لا??ڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ۽ سنڌ جو ماحوليات وارو وزير اسماعيل راهو وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.