اسلام ??با?? – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن اٿارٽي تح?? گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪام??اب پاڪستان تح?? بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.