بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان بهاولپور جي دو??ي جي موقعي تي اسلاميه يونيو??سٽ?? ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. و??ير??عظم يونيو??سٽ?? ۾ عالمي معيار جي تدريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سان موجود افرادي قوت جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. و??ير??عظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيو??سٽ?? جي بغداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. و??ير??عظم اسلاميه يونيو??سٽ?? جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيو??سٽ?? جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيو??سٽ?? ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي اهميت جي ڏس ۾ و??ير??عظم اسلاميه يونيو??سٽ?? ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سان وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو ??هٽ پاڻي، 50 سيڪڙو ??هٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو ??هٽ مجموعي لاڳت سان پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو ??هٽ لاڳت سان 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ و??ير??عظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.