اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته وفاقي ٽي??س محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان روينيو گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آه?? تنهن هوندي به ان لاءِ ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف بڻائڻو پوندو، رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽي??س محتسب پاران منعقد عوامي آگاهي سيمينار کي خاص مهمان جي طور تي پنهنجي اهم خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد، وفاقي ٽي??س محتسب مشتاق احمد سکيرا، مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۽ ٽيڪس بار ايسوسئيشنز جا عهديدار ۽ نمائنده به موجود هئا. صدر چيو ته انساني تاريخ ۾ حڪمرانن جي احتساب جي روايت مديني جي رياست کان شروع ٿي جيڪا خلفاءِ راشدين جي دور ۾ عروج تي پهتي، احتساب ۽ جوابدهي جي ان نظام جي پيروي بعد ۾ ايندڙ مسلمان حڪمرانن به ڪئي. صدر چيو ته رياستي اختيارن ۾ توازن ۽ احتساب ۽ جوابدهي جي نظام سان جمهوريت مضبوط ٿيندي آه??. بدعنواني جو خاتمو اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجي ڇو ته بدعنواني سان معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور ۽ غريب طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آه??، صدر چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي ۽ آبادي جي تناسب سان ٽيڪس ڏيندڙن جي شرح دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ آه?? ان جا جتي ٻيا سبب آه?? اتي ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگيون ۽ خاميون به اهم سبب آه??، اها ڳالهه خوش آئنده آه?? ته موجوده حڪومت جي هداين ۽ رهنمائي ۾ ايف بي آر انهن خامين ۽ پيچيدگين جي خاتمي لاءِ قدمن جو سلسلو شروع ڪيو آه??. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي درست ۽ بهتر استعمال سان ٽيڪس جي نظام ۾ ڏٺيون ويندڙ پيچيدگين ۽ خاتمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان قرض لاءِ درخواستون ڏيندڙن کي پنج منٽن جي اندر لاڳاپيل ادارن کان فيڊ بيڪ ملي رهيو آه??. صدر چيو ته وفاقي ٽي??س محتسب ۽ ايف بي آر پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻي ڪاروبار ۾ آسانين بابت مسئلن کي گهڻي حد تائين ختم ڪري سگهن ٿا، ٽيڪس جي نظام ۾ شفافيت آڻڻ سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ نمايان اضافو ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ضروري آه??، تنهن هوندي به ان لاءِ ضروري آه?? ته ٽيڪس جو نظام سادو، آسان ۽ شفاف هجي ۽ هڪ اهڙو نظام هجي جتي ماڻهن کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي. صدر چيو ته محتسب بابت ادارا پنهنجو ڪردار بهترين طريقي سان ادا ڪري رهيا آه?? تنهن هوندي به انهن ادارن ??ي ڪردار ۽ ان طريقيڪار جي باري ۾ عوام کي وڌيڪ خبر ناهي هوندي، ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته ان ڏس ۾ عوامي آگاهي کي فروغ ڏنو وڃي. اهي ادارا عدالتن جي متبادل ناهن پر ان جو دائره اختيار صرف حڪومت جي مختلف ادارن ??ي عملدارن پاران اختيارن ??ي استعمال بابت معاملن ۽ شڪايتن جو جائزو وٺڻ آه??. صدر چيو ته انهن ادارن ??ي باري ۾ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پکيڙڻ لاءِ ضروري آه?? ته انهن ادارن ??ي عوامي شڪايتن تي ڪيل اهم فيصلن کي ماڻهن جي سامهون آندو وڃي. صدر سيمينار جي انعقاد تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ان طرح جا سيمينار ٻين شهرن ۾ به ٿيڻ گهرجن.