اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين واضح اعلان ڪيو آهي ته جيڪو امير ماڻهو ٽي??س نه ڏيندو اهو جيل ويندو، 2023ع تائين اوڳاڙيون 7000 ارب رپ??ن تائين کڻي وينداسين، وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف آڏو ڄمي ويو آهي، هو غريبن تي بار نه وج??ند??، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪندو جڏهن ته قومي اسيمبلي اڪثريت راءِ سان مخالف ڌر جي ناڻي واري وزارت تي ڪٽوتي جون رٿون رد ڪندي 15 ناڻي جي مطالبن جي منظلري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو ته ملڪ ۾ بجيٽ سازي جو جيڪو سسٽم هلي رهيو آهي اهو ٽي سال پراڻو نه آهي پر 74 سالن کان اهو ئي نظام آهي، مخالف ڌر پنهنجي 30 سالن ۾ ان نظام کي به ڏسي وٺي، اها ٽي??سيشن جو نظام به ڏسي وٺي، اسان به ان نظام بابت چئون ٿا ته اهو ٺيڪ نه آهي جڏهن ته اسان ان کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون. اسان سڌارن جي ڳالهه ڪئي، عوام کي ڇت ڏيڻ، شهري علائقن جي رهواسين کي ڪاروبار جي لاءِ قرض ڏيڻ ۽ آبادگارن جي لاءِ زرعي قرضن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هتي چيو ويو ته موجوده حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وئي آهي، ڇا انهن جي دور ۾ اهي ماڻهو آءِ ايم ايف وٽ نه ويا. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ان وقت 156 ارب ڊالر جو واپاري خسارو هو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام جي ڪري اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل 60 ارب ڊالر جو ٽي??و هنيو. پيپلزپارٽي جي دور ۾ پاڪستان جو روانگي واپار 25 ارب ڊالر هو جيڪو 17 – 2016ع ۾ واپس 21 ارب ڊالر تي اچي ويو. رپئي جي قدر ۾ مصنوعي استحڪام سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر رهيو ان جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو. هن چيو ته ملڪ کي اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف وٽ وٺي وئي. واڌويجهه جي شرح ۾ گهٽتائي جي ڪري ٽي??سيشن وڌائڻ آسان ناهي هوندو، سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪري واڌويجهه جي شرح هيٺ ٿي، ڀارت سوا 11 سيڪڙو منفي تي ويو جڏهن ته مشڪلاتن جي باوجود هن ڀيري پاڪستان جي واڌويجهه جي شرح 4 سيڪڙو رهي جيڪا ايندڙ سال 5 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين. ٽي??سيشن 4700 ارب رپ??ن جو هدف هن سال پورو ڪنداسين ۽ ايندڙ سال 58 سئو ارب رپ??ن تي کڻي وينداسين.