اسلام آباد – 20 – مئ?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت انٽرپرينيورز چٽاڀيٽي ۽ شفاف ڪارورباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، مضبوط معيشت جي قيام لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، وفاقي حڪومت مال?? مشڪلا??ن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب جو پيڪيج ڏنو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽري جي صدر ميان نصير حيات ماگو جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چ??و ته حڪومت مال?? مشڪلا??ن جي باوجود واپاري برادري کي 1.2 کرب روپين جو مالياتي پيڪيج فراهم ڪيو. ڪورونا جي دوران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت 1.5 ڪروڙ خاندانن جي مالي مدد ڪئي وئي، صدر چ??و ته حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن جي معاشي خودمختياري تي به ڌيان ڏئي رهي آهي، حڪومت عورتن ۽ معذور ٻارن کي 5 سيڪڙو مارڪ اپ تي قرض فراهم ڪري رهي آهي، هن چ??و ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، واپاري ٽيڪس ادا ڪن ته جيئن ترقياتي سرگرمين لاءِ وڌيڪ رقم مختص ڪئي وڃي.