اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعز??ز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دوري دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي م??املن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.