اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمرا?? خان هلندڙ سال اپريل ۾ ٽيڪس ۽ اوڳاڙي ۾ 57 سيڪڙو اضافي تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال 384 ا??ب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏه?? ته گذريل سال اپريل ۾ 240 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي هئي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان اپريل 2021ع تائين 3780 ارب رپين جون اوڳاڙيون ٿيون آهن جيڪي گذريل سا?? جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 14 سيڪڙو وڌيڪ آهن.