اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي ??يمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رک??دي حڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي ??يڪيج جي ??نظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي ??يمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي اٽي جي ??يمت ۾ استحڪام، کنڊ جي ??وجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي ??يمتن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽي جي ??يمتن ۾ استح??ام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊي جي ??راهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي ??الي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.