اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته ڇنڇر ڏينهن قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺندس، جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيس ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس، پي ڊي ايم جا اڳواڻ ياد رکن آئون حڪومت ۾ هجان يا نه هجان ملڪ جي غدارن جو مقابلو ڪندو رهندس، جيستائين زنده آهيان قانون جي بالادستي لاءِ جدوجهد جاري رکندس، مون کي حڪومت وڃڻ سا?? ڪو به فرق نٿو پوي، ميثاق جمهوريت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن ڪرائڻ تي اتفاق ڪندڙن سپريم ڪورٽ ۾ ان جي مخالفت ڪئي، انهن جو مقصد يوسف رضا گيلاني کي پئسن سا?? ڪامياب ڪرائي منهنجي مٿان عدم اعتماد جي تلوار لٽڪائڻ هو، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هن کي چورن جو سا?? ڏيڻو آهي يا ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، صرف قانون ڪرپشن ختم نٿا ڪري سگهن پر ان لاءِ پوري قوم کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته سينيٽ جي ٿيندڙ چونڊن تي آئون پنهنجي قوم سا?? ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ان جي باري ۾ قوم کي سمجهائڻ ان لاءِ ضروري آهي ته جيڪڏهن کين ان چ??نڊ جي سمجهه اچي وڃي ته ملڪ جا سمورا مسئلا سمجهي ويندا. وزيراعظم چيو ته ساڍا 6 سا?? پهرين خيبرپختونخوا ۾ جڏهن اسان جي حڪومت هئي تڏهن اسان کي خبر پئي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلندو آهي ۽ اهو ڪم 40 سا??ن کان هلندو پيو اچي، تڏهن اسان مهم هلائي ته ملڪ ۾ اها ڪهڙي سياست هلي رهي آهي، پارليامنيٽ جا ميمبر ئي وزيراعظم، وڏن وزيرن، سينيٽ چيئرمين سميت اعليٰ عهديدارن تي فائز ٿيندا آهن، تڏهن اهو اسان جي لاءِ حيرت انگيز هو ته ميمبر ووٽ وٺي سينيٽر چونڊرائيندا آهن ۽ سينيٽر پئسا ڏئي ووٽ وٺندا آهن، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، تڏهن اسان اوپن بيلٽنگ جي مهم هلائي، 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ وڪرو ڪندڙ پنهنجي 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍيو. هن چ??و ته اسان ميثاق جمهوريت ۾ به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي وچ ۾ سنيٽ چونڊون اوپن بيلٽنگ سا?? ٿيڻ جو معاهدو ٿيو، انهن جي اعليٰ عهديدارن جا ان جي حمايت ۾ بيان آيا، اسان ان حوالي سا?? سينيٽ ۾ قانون آندو تنهن هوندي به اسان کي انهن پارٽين جي حمايت نه ملي، پوءِ اسان اهو معاملو سپريم ڪورٽ کڻي وياسين، ان دوران 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جي وڊيو سا??هون اچي وئي، معلوم ناهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن ڇو اوپن بيلٽ جي خلاف ويو. سپريم ڪورٽ بار بار چيو ته شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، سپريم ڪورٽ ۾ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون ڳجهي بيلٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون، پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون، آئون اهو سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پهرين اهي اوپن بيلٽنگ جي حق ۾ هيون پوءِ اچانڪ ڇو ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ ٿي ويون. جڏ??ن ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ويون تڏهن ڇو ان جي حق ۾ هئا.