اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخب??رن جا اشتهار روڪڻ جو ??ڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جي??ي حڪوم?? تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت رواي??ي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽ?? جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کان قومي اشته??رن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ڪم جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتر?? جي منصوبابند?? جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.