اسلام آباد -26 جنوري (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نجڪاري/ بحالي جي ح??الي سان اهم اجلاس منعقد ٿيو. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري تفصيلن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم جي توانائي بابت مشير تابش گوهر، چيئرمين نيپرا، سيڪريٽري پاور ، سيڪريٽري نجڪاري ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ ع??لد??رن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ويجهڙائي ۾ ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي ۽ ڪابينه جي توانائي بابت ڪميٽي ڊسڪوز جي ح??الي سان لاڳاپيل وزارتن جي نجڪاري لاء?? سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي هئي.