اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄ??م ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم ع??ران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم ع??ران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.