اس??ام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) قومي اسي??بل?? جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ اردن جي سفير ميجر جنرل (ر) ابراهيم يالا المدني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مسلمان ملڪن ۾ ويجهن رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري، سخاوت ۽ تاريخ جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، پ??رل??اماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن جي پ??رل??امينٽ جي ميمبرن جو پ??رل??اماني سطح تي مٽاسٽا سان ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۽ اردن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.