اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ا?? سي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي اتر ڏکڻ گئس پائپ لائن پراجيڪٽ تي عملدرآمد جي ??ور??حال ۽ پاور پلانٽس جي لاءِ هائي سلفر فرنس آئل (ا??ڇ ايس ايف او) ۽ لائٽ سلفر فرنس آئل (ايل ايس ايف او) جي گهرج جو جائزو ورتو، توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي سردي جي موسم جي مهينن لاءِ توانائي واري وزارت پاران پيش ڪيل فرنس آئل جي ضرورتن جو جائزو ورتو، ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته سردي جي موسم دوران لوڊ ۾ گهٽتائي کانسواءِ صنعتي ۽ رهائشي گهرج کي پورو ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي وڃي، ڪابينا ڪميٽي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان ڳالهه کي ي??يني بڻائي ته فرنس آئل جي ضرورت جي جائزي کان اڳ قابل تجديد توانائي ۽ ڪوئلي سميت ٻارڻ جي ٻين وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال کي ي??يني بڻائي.