ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون سان ٽي سالن ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڪراچي پيڪيج تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، جامع تعاون سان 1100 ار?? روپين جي پيڪيج تي عملدرآمد سان صورتحال ۾ بهتري ايندي، الله جي رحمت ۽ قوم ج?? حيثيت سان ڪوششن جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم قائداعظم محم?? علي جناح رحه جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير س??د مرا?? علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.