اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر گيبريلا ڪيووس بيرن پاڪستان جو دورو م??مل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي وئي آهي، سينيٽ سي??ريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر مرزا محمد آفريدي ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن آءِ پي يو جي صدر کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئ??پو??ٽ تي الوداع ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته مون کي پاڪستان اچي وڏي خوشي ٿي، آئون پاڪستاني ثقافت ۽ مهمانوازي جون يادون کڻي وڃي رهي آهيان، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت، سي??پڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، گوادر، لاهور، ??ري ۽ ٻيا هنڌ پنهنجي تاريخي اهميت رکن ٿا، هن چيو ته پاڪستان آءِ پي يو جو هڪ فعال ميمبر آهي ۽ هو اميد ڪري ٿي ته پاڪستان آءِ پي يو جي پليٽ فارم تي پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندو رهندو.